شيخ ذڪريا جو مقام

شيخ ذڪريا جو مقام

شيخ ذڪريا جو مقام

شيخ ذڪريا جو مقام: هي قديمي قبرستان جيل بدين'>اوپن جيل بدين کان نڪرندڙ انهي رستي تي آهي، جيڪو ڀڳڙا ميمڻ وڃي ٿو. هي مقام ديهه جاکرالو لڳ ڳوٺ سيد محمد شاهه ضلعي بدين ۾ آهي. قبرستان ۾ شيخ ذڪريا نالي هڪ درويش جو ڪچين سرن سان ٺهيل مقبرو بيٺو آهي. مقبرو چورس رٿ جو آهي اوڀر طرف ڪاٺ جو دروازو ڏنل اٿس جڏهن ته گهنڊ نموني گنبذن جي مٿان ننڍڙو ڪلسو ڏنل آهي. مقبري کي ٻيو ڪو به در دري ڏنل ڪو نه آهي. سڄو مقبرو لڳي ٿو ته اوڏڪي مٽيءَ سان ٺاهي ان تي گنبذ رکيو ويو آهي جو ڀتين تي ٿيل پلستر ۾ ڦوٽ جا نشان صاف بيٺا آهن. مقبري جي چؤڌاري وسيع قبرستان آهي جيڪو 16 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. قبرستان جي چؤڌاري قلعي جا نشان نظر اچن ٿا پر امڪان آهي ته اهو قلعو نه هوندو بلڪه قبرن کي بي حرمتي کان بچائڻ لاءِ چوڌاري ڀت ڪڍي وئي هوندي جيڪا هاڻي ڊهي وئي آهي. هن قبرستان جو وڏو حصو مقامي زميندارن قبضو ڪري ان کي زرعي زمين ۾ تبديل ڪيو آهي. اندر ٽي قبرون آهن جن تي پڙ پيل آهن. ٽئي قبرون هڪ ئي نموني ۽ سائيز جون آهن. مقامي ماڻهو چون ٿا ته وچين قبر شيخ ذڪريا جي آهي. قبرستان ۾ ڪافي قبرون آهن جيڪي پڪين سرن سان ٻڌل آهن. ڪيترين سرن تي ٽڪ جو ڪم (art work) ٿيل آهي. گادي نشين محمد شاهه جو چوڻ آهي ته بزرگ جو واسطو پاڪپتڻ (پنجاب) سان هو، پاڻ حضرت بهاؤالدين ذڪريا جو پوئلڳ هو. اندر ٽن قبرن مان هڪ سندس، هڪ پٽ جي ۽ هڪ سندس پوٽي جي آهي. مقبرو اندران ٻاهران سنڀاليل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو